سيد علي

سيد علي: سيد علي، ثلث، طغريٰ ۽ نستعليق جي طرزن جي خطاطيءَ جو استاد ڪاريگر هو. سيد علي 1097هه/ 1686ع کان 1111هه/ 1699ع تائين ٺٽي ۾ خطاطيءَ واري هنر ۾ مشغول رهيو. مير علي شير قانع ٺٽويءَ جي بيان مطابق خطاطيءَ ۾ ڇهن طرزن جو ماهر خطاط هو ۽ اورنگزيب جي حڪمراني وارن ڏينهن تائين زنده رهيو. سندس صحيح سان خطاطيءَ جو نمونو، جنهن تي 1114هه/ 3-1702ع جي تاريخ لکيل آهي، جامع مسجد ٺٽي ۾ موجود آهي. ٺٽي جي جامع مسجد اورنگزيب جي زماني ۾ تعمير ٿي هئي. هيءَ مخدوم الياس جو شاگرد هو. پاڻ عام طور صحيح سعيد عليءَ جي نالي سان ڪندو هو. شاهي مسجد ۾ هن پنهنجي صحيح ۾ سعيد علي بن عبدالقدوس لکيو آهي.


لفظ سيد عليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو